ترخان مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني جو مقبرو

ترخان مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني جو مقبرو

مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان

مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان : مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني، امير مرزا عيسيٰ بيگ اول جو پوٽو، مرزا جان بابا جو پٽ، مرزا باقيءَ جو ڀائيٽو ۽ مرزا جاني بيگ جو چاچو هو. ان ريت مرزا غازي بيگ جو سڱ ۾ وڃي ڏاڏو ٿيو. سندس والد مرزا جان بابا سنڌ جي سميجن مان شادي ڪئي هئي، سي مرزا عيسيٰ جا ناناڻا هئا. پير حسام الدين راشديءَ خيال ظاهر ڪيو ته هو سن 976 هه (1568ع) ۾ پيدا ٿيو هوندو. جڏهن مرزا باقي ارغونن ۽ ترخانن جو قتل عام شروع ڪرايو. تڏهن مرزا عيسيٰ کي ماءُ کڻي وڃي پنهنجن مائٽن ۾ لڪايو. جاني بيگ جي دور ۾ هو ٺٽي موٽي آيو ۽ سڄو وقت خير خوبيءَ سان ڪڍيائين. ليڪن جڏهن 1009هه (1600ع) ۾ جاني بيگ جي وفات کان پوءِ غازي بيگ ترخان ٺٽي جو حاڪم بنيو. تڏهن هن لاءِ ڏکيا ڏينهن اچي ويا. غازي بيگ پراڻن اميرن مان جند ڇڏائڻ ٿي گهري. ان ريت درٻار ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي. مرزا ابوالقاسم سلطان بيگلار کي انڌو ڪيو ويو. مرزا خسرو چرڪس صلح ڪري درٻار ۾ ويٺو رهيو. ان دور ۾ مرزا عيسيٰ ثاني به عتاب ۾ آيو، ليڪن هن وري به ناناڻن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان غازي بيگ کيس هٿ نه ڪري سگهيو. آخر سن 1012هه/1603ع ڌاري سنڌ مان مايوس ٿي هندستان پهتو، جتي اڪـبـر بـادشــاهه کـيـس ڀليڪار ڪئي ۽ منصب ڏنو. جهانگير جي دور ۾ سندس ترقي ٿي ۽ هن اڪثر وقت دکن ۽ گجرات ۾ گذاريو. بادشاهه فوت ٿيو ته ان وقت به هو گجرات ۾ هو. سن 1012هه (1603ع) ۾ مرزا غازي فوت ٿيو. عـبـدالـعـلــي تـرخــان ۽ خســرو چـرڪـس گـرفتـار ٿي هندستان پهتا. تڏهن جهانگير مرزا عيسيٰ کي گجرات مان طلب ڪيو ۽ کيس ٺٽي جي مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. مگر بعد ۾ مرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪري عيسيٰ ترخان کي رائڌڻ پور جو جاگيردار بڻايو ويو. اهڙيءَ طرح ارغونن ۽ ترخانن جي سموري لشڪر کي به ٺٽي مان بيدخل ڪيو ويو هو. سڀ شاهي حڪم موجب مرزا عيسيٰ جي حوالي ڪيا ويا.
مرزا عيسيٰ سن 1035هه (1625ع) ۾ گجرات ۾ هو. جڏهن مستقبل جو بادشاهه شاهجهان بغاوت ڪري ٺٽي پهتو، پوءِ اُميد ۽ اجهي جي آسري ۾ گجرات روانو ٿيو، عيسيٰ پاڻ شاهي عتاب جي خوف کان پاسيرو ٿي ويو. البته سموري گهربل مدد شهزادي خرم کي پهچايائين. ان ريت مرزا عيسيٰ جو مستقبل محفوظ ٿي ويو. شاهجهان تخت نشين ٿيو. ان وقت هو سنڀل جو عملدار هو، هاڻي کيس منصب ”چهار هزار ذات و دو هزار و پانصد سوار“ تي فائز ڪري ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ويو. هن عهدي تي کيس اڍائي مهينا رهڻ جو موقعو مس مليو (1037هه/1627ع-1038هه/1628ع) عهدو ڇڏڻ بعد به پاڻ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو. ان دوران پنهنجي ۽ پنهنجي والد جان بابا جي مقبري ۽ رائنڪ ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ رٿابندي ڪيائين.
مرزا عيسيٰ کي سن 1038هه (1628ع) ۾ مٿرا جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. سن 1045هه/1635ع ۾ کيس ٽيون ڀيرو سورٺ جهونا ڳڙهه بدلي ڪري منصب ۾ واڌارو ڪيو ويو. اڳ چهار هزاري ذات ۽ سه هزاري سوار منصب هئس ۽ هاڻي پنج هزاري ذات ۽ چهار هزاري سوار جي منصب تي فائز ٿيو. يعني هڪ هزار جو اضافو پيادن ۾ ۽ هڪ هزار جي واڌ سوارن ۾ ڪئي وئي. سن 1049هه/1639ع ۾ شاهجهان راضي ٿي سندس منصب ۾ وري به هڪ هزار سوارن جي واڌار جو حڪم ڪڍيو. مطلب ته هاڻي مرزا عيسيٰ پنج هزاري ذات سان گڏ پنج هزاري سوار به بنجي ويو. سن 1052هه/1642ع ۾ گجرات جي صوبيدار اعظم خان کي معزول ڪري شاهجهان، مرزا عيسيٰ کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو. سندس پٽ مرزا عنايت الله والد جي جاءِ تي سوراشٽر جو حاڪم بنيو. راشدي صاحب هن دور ۾ مرزا عيسيٰ جي حاصلات کي بهتر لفظن سان ياد ڪيو آهي. گجرات جو صدر مقام احمد آباد هو. مرزا عيسيٰ، اعظم خان کي شاهي درٻار ڏانهن اماڻي پاڻ ملڪ جي انتظام ۽ اصلاح ۾ لڳي ويو. جيڪي زمينون غير آباد ٿي ويون هيون. تن کي آباد ڪرايائين. ڳوٺ ويران ٿي چڪا هئا تن کي وسايائين. ماڻهو دربدر هئا، تن کي جائيتو ڪيائين. ملڪ اندر بدنظمي، بدانتظامي، خرابي جي حد کان ٽپي چڪي هئي. وڏيءَ مشڪل بعد مرزا عيسيٰ انهيءَ افراتفري واري دور ۾ نظم و نسق کي ٻيهر رائج ڪيو. هن خير عافيت سان ملازمت ڪري مرزا شاهجهان جي دور ۾ سن 1061هه/1747ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. هڪ سال پوءِ سن 1062هه/1748ع ۾ فوت ٿيو. کيس مڪليءَ تي آڻي سندس ئي ٺهرايل خوبصورت رانئڪ ۾ دفن ڪيو ويو. هڪ منتظم سان گڏ راڳ رنگ جو شوقين، سنڌي سرن ۽ آلاپن مان واقف، آزاد ۽ خوش باش شخص هو. سندس تحرير جو ڪو به نمونو دستياب نه ٿي سگهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1748.00.00  عيسوي

ترخان مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني هڪ سال پوءِ سن 1062هه/1748ع ۾ فوت ٿيو .


1568.00.00  عيسوي

پير حسام الدين راشديءَ خيال ظاهر ڪيو ته مرزا عيسيٰ سن 976 هه ( 1568ع ) ۾ پيدا ٿيو هوندو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمل خاتون
چانڊيو حڪيم محمد عالم
حاجي شفيع محمد مسجدي
جاويد ٽاڪاڻي
احمد محمد قاضي
رجب رضا
اوڌو داس تاراچند راءِ بهادر
ظفر حسن مرزا جسٽس
خديجه مستور
ظهيرالدين بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون